Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

PST & JST Quiz

 سوال  شبنم ۽ نوري گهر ۾ ڪھڙا ڪم ڪنديون آهن ؟

جواب  شبنم ۽ نوري سبڻ ۽ ڀرڻ، ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ، ٿانو ملڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ جا ڪم ڪنديون آهن ـ

سوال شبنم ۽ نوريءَ شميم جي ڪيئن مدد ڪئي ؟

جواب  شبنم ۽ نوريءَ شميم جي رھجي ويل پڙھائي ۾ ساڻس گڏ ويھي مدد ڪرائي ۽ امتحان جي تياري ڪرائي ـ

سوال  اسلام آباد جا ساوا جبل ڪھڙا آهن؟

جواب  اسلام آباد ۾ ساوا جبل مارگلا جا جبل آهن ـ

سوال  ڪوھ مري کي جنت جو ٽڪرو ڇو ٿا چون؟

جواب  ڪوھ مري کي سندس اوچائي ۽ قدرتي سونهن جي ڪري جنت جو ٽڪرو چون ٿاـ



سوال  بندرگلي ۾ ڀولڙا ۽ انسان ڪيئن نظر آيا؟

جواب  بندرگليءَ ۾ ڀولڙا ۽ انسان پاڻ ۾ دوستن وانگر ٿي نظر آيا ـ

سوال  جيڪا برف پھاڙن تي سدائين ڄميل رھي ان کي ڇا چئبو آهي؟

جواب  ان کي گليشير يا برفاني ڇپون چئبو آهي.

سوال  گل ۽ ميوا ڪٿي ٿيندا آهن؟

جواب  گل ۽ ميوا باغن ۾ ٿيندا آهن ـ

سوال  ڌرتي جو گهڻو حصو ڇا سان ڍڪيل آهي؟

جواب  ڌرتي جو گهڻو حصو مٽي جي تھ سان ڍڪيل ھوندو آھي.

سوال   مٽي ۾ ڪھڙيون شيون مليل ھونديون آھن؟

جواب  مٽيءَ ۾ جبلن جي واري، وڻن جا ڪک پن ۽ چيڪي مٽي مليل ھوندي آھي.

سوال  الله پاڪ اسان لاء ڌرتيءَ ۾ ڪھڙيون شيون پيدا ڪيون آھن؟

جواب الله پاڪ اسان لاءِ ڌرتيءَ ۾ ڪوئلو، گئس، پيٽرول، سنگ مرمر، لوھ، سون ۽ چاندي وغيره ـ

سوال  سيد الھندو شاھ ڪٿي پيدا ٿيو؟

جواب  سيد الھندو شاه تعلقي ڪنڊياري جي شھر درٻيلي ۾ ڄائو ـ

سوال  سندس سڀ کان وڏو۽ يادگار ڪارنامو ڪھڙو آھي؟

جواب  سندس سڀ کان وڏو ۽ يادگار ڪارنامو نوشھري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪرڻ آهي ـ

سوال  ھو ڪھڙو لباس پائيندو ھو؟

جواب  ھو وڏي شلوار، پھراڻ ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌندو ھوـ

سوال  سيد الھندي ڪڏهن وفات ڪئي؟

جواب  سيد الھندي 1919 ۾ وفات ڪئي.

سوال  ڪٽنب ۾ ڪھڙا رشتا اچي وڃن ٿا ؟

جواب  ڪٽنب ۾ ماءُ پيءُ ڀيڻ ۽ ڀائر اچي وڃن ٿا ـ

سوال  سماجي رشتن ۾ ڪير اچي وڃن ٿا؟

جواب  سماجي رشتن ۾ دوست، استاد، پاڙي وارا ۽ ڳوٺ وارا اچي وڃن ٿا ـ

سوال  وطن ۽ قوم ۾ نيڪ نامي ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿي؟

جواب  وطن ۽ قوم ۾ نيڪ نامي سٺي اخلاق سان ڪمائي سگھجي ٿي ـ

سوال  اعليٰ انساني گڻ ڪھڙا آھن؟

جواب  سڀني جو قدر ڪرڻ اعليٰ انساني گڻ آهي.

سوال  پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن جا نالا ٻڌايو؟

جواب ايران، چين، افغانستان ۽ ھـندستان پاڪستان جا پاڙيسري ملڪ آهن ـ

Post a Comment

0 Comments